انجم ھالائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سندس اصل نالو -آخوند- حاجي عبدالرحمان. هو 1902ع ۾ هالا ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي -تعليم- قرآن پاڪ جي ورتائين. -ان- کان پوءِ مسلم اسڪول هالا ۾ سنڌي، -اردو- ۽ فارسيءِ جي -تعليم- اتي جي ناليوارن استادن -آخوند- عبدالحئي ۽ حاجي سليم الدين جي سايي ۾ حاصل ڪيائين. -ان- بعد وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج شهدادپور ۾ داخلا ورتائين. -تعليم- مڪمل ڪرڻ بعد اتي ئي -استاد- مقرر ٿيو. کيس ڪتابن پڙهڻ جو بيحد شوق هوندو هو. هو هالا مان شايع ٿيندڙ رسالي ”فردوس هالا“ جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو. سندس -تصنيف- ”ديوان انجم“ گهڻي مقبول آهي، جيئن ته سنڌ جي سٺن ڪهنه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. -انجم هالائي- ڪجهه وقت نواب شاهه ۾ رهيو، اتي به پنهنجو ادبي مشغلو -جاري- رکيائين ۽ نواب شاهه ۾ شايع ٿيندڙ رسالي ”رهنما“ جو به -ايڊيٽر- رهيو. نثر ۾ سندس ڪتاب ”پياري نازنين“، ”شمع -اسلام-“ ۽ هڪ اصلاحي ناول ”ڪاروان“ به مشهور آهن. سنڌ جي هن سڄاڻ شاعر ۽ نثر نويس 1975ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]