انجمن شعراءِ ھالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن انجمن جو بنياد 1935ع ڌاري هالا شهر جي ڪجهه نوجوان شاعرن وڌو، جن ۾ خليفو محمد عمر، قاضي احمد علي، سليم هالائي وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. هن انجمن جا عهديدار هئا: (1) حاجي شفيع محمد ”شهنشاهه“ (صدر)، (2) سليم هالائي (سيڪريٽري)، (3) خليفو محمد عمر ”اختر“ (جوائنٽ سيڪريٽري). هي انجمن ڪيترن سالن تائين مشاعرا منعقد ڪندي رهي، انجمن جا مشاعرا ماهوار ٿيندا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]