انب شيدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان، جيڪو ”انب کارائي“ جي نالي سان به مشهور هو. ٺٽي ضلعي جي کاري واري علائقي ميرپورساڪري جو رهاڪو هو. 1950ع ڌاري، جڏهن 28 30 سالن جو هو، حيدرآباد ضلعي ۾ ٽنڊي قيصر ۾ لڳندڙ مراد شاهه جي مشهور ميلي ۾، سنڌ جي پهرئين جوڙ جي پهلوان شير ميربحر کي پوئين ملهه ماري هئائين. اُن ملهه تي تماشبينن انب شيديءَ تي رپين (نوٽن ۽ رپين) جو ڄڻ ته مينهن وسائي ڇڏيو هو ۽ ان کان پوءِ سندس نالو ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]