انبوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انبوري تار ڇڪڻ جو اوزار آهي، جنھن کي گهڻي ڀاڱي سونارا استعمال ڪندا آهن. مندريءَ (تند ڇڪڻ جو اوزار) مان تار جڏهن ڇڪي ڪڍبي آهي، تڏهن انبوري ڪم ايندي آهي. 24 ماپي (گيج) کان وٺي 32 ماپي تائين جيڪا تار ڪڍبي آهي، انھيءَ کي بہ انبوري سان ڇڪبو آهي. جيڪڏهن تار ڇڪڻ ۾ تڪليف ڏيندي آهي تہ تار کي تيل پڻ مکيندا آهن. عموماً انبوري کي پڪڙ جو اوزار بہ سڏيندا آهن. ڪجهہ جهونا سونارا هن کي ”جنبور“ پڻ چوندا آهن ۽ ڪي وري زنبور بہ چوندا آهن. لوهارڪي ڪم ۾ بہ انبوري استعمال ٿيندي آهي ۽ هن ۾ انبورين جا ٽي قسم 1 سنبي جي انبوري، 2 ڇيڻيءَ جي انبوري ۽ 3 عام انبوري آهن، جن جا استعمال بہ مختلف آهن. انبوريءَ جا ٻيا قسم بہ آهن.[1]

حوالا[سنواريو]