اميٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اميٽر (Ammeter ):-اميٽر- برقي ڪرنٽ جي پئمائش ڪرڻ واري -اوزار- کي چئجي ٿو. اهو اصل ۾ گئلوانوميٽر ئي آهي، جنهن جي پوروڇوٽ زورائتي تَڏ (resistance) ڪُوائل سان ڳنڍجي ٿي. انهيءَ پوروڇوٽ کي شَنٽ (shunt) چئجي ٿو. اميٽر کي هميشه برقي سرڪٽ ۾ ٻين اوزارن سان سلسليوار ڳنڍجي ٿو، جنهن سان ڪرنٽ جي پيمائش ڪجي ٿي. سرڪٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻين اوزارن جي ڀيٽ ۾ -اميٽر- جي تَڏَ بلڪل -ٿوري- ٿئي ٿي، تنهنڪري سرڪٽ مان گذرندڙ ڪرنٽ ۾ تبديلي نٿي ٿئي.[1]

حوالا[سنواريو]