امين ارباب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعر، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر. محمد امين ولد علي محمد نهڙيي جو -جنم- -تاريخ- 3 -جولاءِ- 1965ع تي ڳوٺ علي محمد نهڙيي تعلقي ماتلي ضلعي -بدين- ۾ ٿيو. سندس -تعليم- ايم. اي سوشالاجي ۽ ايل. ايل. بي اٿس. عملي صحافتي زندگيءَ جو آغاز روزاني عبرت حيدرآباد کان بطور نيوز -ايڊيٽر- شروع ڪيائين. ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد تي گذريل 15 سالن کان هفتيوار ادبي پروگرام ”سڳنڌ“ جي ڪمپيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي. -ان- کان علاوه هن وقت مهراڻ ٽي وي تي ”نيوز ڪاسٽر“ ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪيومينٽريز طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڌرتي منهنجي سرتي“ (شاعري)، ”در کليو ئي رهيو“ (ريڊيائي افسانا) شامل آهن. جڏهن ته پي ٽي وي ۽ وائيس آف -آمريڪا- جو تجزيه نگار به رهيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]