امير بخش نظر سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي اصل نالو اميربخش عالماڻي، پهرين -اپريل- 1933ع تي موري جي ڀرسان ڳوٺ جهان خان عالماڻيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو جان محمد عالماڻي هو. ابتدائي -تعليم- پنهنجي وڏي -ڀاءُ- کان حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، 1947ع ۾ -تعليم- کاتي ۾ ملازم ٿيو. نظر سنڌيءَ جي غزل ۾ نزاڪت ۽ نازڪ خيالي سمايل آهي. سندس غزل ۾ سنڌ جي ٻين گهڻن شاعرن جي ڀيٽ ۾ فصاحت، سلاست ۽ رواني وڌيڪ آهي. پاڻ سنڌي غزل جو اهم شاعر هو. درس تدريس سان گڏوگڏ شاعريءَ سان جنون جي حد تائين پيار ڪندو هو. نوابشاهه جي ادبي سرگرمين جو اصل باني نظر سنڌي هو ۽ -استاد- شاعر جي حيثيت رکندو هو. سنڌي ادبي سنگت، نوابشاهه جو سرگرم ميمبر هو. مشهور شاعرن بردي سنڌي، نور عباسيءَ ۽ منظور حسين قريشيءَ سان گڏ سنگت جي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندو هو. سندس وفات 20 نومبر 1967ع ۾ ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]