اميد علي لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اميد علي پٽ ولي محمد لغاري، ويٺل ڳوٺ -جادو لغاري-، تعلقو ٽنڊوالهيار، ضلعو حيدرآباد. سال 1328ھ/1910ع ۾ ڄائو. ڪافيءَ گو شاعر هو. سنڌي ست درجا پڙهيل هو. سندس ڪافين سان گڏ گهڻو ڪلام بيتن ۾ آهي. سندس ڪي ڪافيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- جي ترتيب ڏنل ڪافين واري ڪتاب ۾ شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]