اميد علي شاھ رضوي (شاعر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد -اميد علي شاهه- ولد سيد غلام حسين شاهه روهڙيءَ جي رضوي خاندان مان هو. سال 1277ھ/1860ع تي ڄائو. پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. پينشن تي لهڻ کان پوءِ پير لعل شاهه، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ وڃي رهيو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي ڄاڻ هيس. سندس ڪلام ”گلشن ادب“ جي نالي سان ڇپيو آهي. هن 4 ذوالقعد 1343ھ/1925ع ۾ وفات ڪئي. ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]