امي
اُمي (Ummi)، عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنا آهي لکي ۽ پڙهي نه سگهڻ يا اڻپڙهيل. اصطلاحي زبان ۾ "امي" ان کي چئبو آهي، جنهن ڪنهن مڪتب يا مدرسي مان رسمي تعليم نه پرائي هجي. امي يا قدرتي علم سان نوازيل، انوکي ذهن ۽ علمن سان مالا مال هجي. حضرت محمد ﷺ لاءِ چيو ويندو آهي ته لکي پڙهي نه سگهندا هئا ۽ امي هئا. پر مٿن وحيءَ ذريعي ڄاڻ ايندي هئي. وحي سڀ کان پهريان لفظ، جيڪي نبي سڳوري کي چيا سي هئا ” اقرا“ يعني پڙهه ته پاڻ جواب ڏنائون ته ”مونکي پڙهڻ نٿو اچي“ اهڙي نموني ٻه ٽي دفعا اهو سوال ۽ جواب ٿيو، جنهن کان پوءِ نبي سڳوري پڙهڻ (چوڻ) شروع ڪيو، جو کين حضرت جبرئيل وحي جي صورت ٻڌائيندو ٿي ويو . اڪثر بزرگن ۽ درويش شاعرن کي سندن مڃيندڙ امي ڄاڻائي سندن باطني علم جي اهميت بيان ڪندا آهن. شاهہ عبداللطيف ڀٽائي لاءِ به اهڙو تصور موجود رهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس پڙهيل هئڻ جي شاهديءَ لاءِ رسالو ئي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو. [1] [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://dic.sindhila.edu.pk/define/%D8%A7%D9%8F%D9%85%D9%8A.php
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي