امن جي بحاليءَ واري فوج

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ٻن ملڪن ياڌرين جي وچ ۾ ڪو به تڪرار ايترو زور وٺي وڃي، جو ٽين ڌر جي مداخلت کانسواءِ اهو ٽري نه سگهي، ته ٽين ڌر امن قائم ڪرڻ (Peace Keeping) لاءِ مُختلف اُپاءُ وٺندي آهي. ڪنهن به تڪرار جي حل لاءِ ٽين ڌر جي مداخلت جو مقصد ٻن ڌُرين ۾ رڳو صُلح ڪرائڻ هوندو آهي، جنهن لاءِ فوجي ۽ سُفارتي طريقا ڪتب آندا ويندا آهن. ان کان سواءِ گھُرج پوڻ تي ٽين ڌر (يا وچين ڌر) جهيڙو ڪندڙ ڌرين تي مُختلف قسمن جو دٻاءُ رکندي آهي، جيڪڏهن ڌريون پوءِ به جهيڙي کي نه ٿيون ختم ڪن، ته مٿانئن فوجي قدم کڻڻ لاءِ به اڳڀرائي ڪئي ويندي آهي. جڏهن گڏيل قومن جو ادارو قائم ڪيو ويو هيو ته ان وقت ٻي عالمي جنگ ختم ٿي هئي، پر ملڪن جا پاڻ ۾ تڪرار پوءِ به هلي رهيا هئا ۽ ”سرد جنگ“ به شروع ٿي چڪي هئي، دُنيا جي امن کي گهڻن قسمن جا خطرا پيدا ٿي چڪا هئا. 1950ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بين الاقوامي جهيڙن کي پاسيرو ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ”احتياطي سفارتڪاري“ (Preventive Diplomacy) جو اصطلاح اڳيان آندو هو. انهيءَ قسم جي حڪمت عملي ۾ ڪنهن به تڪرار کي رڳو ٺارڻ جو حل ڏنل هيو، پر جهيڙي کي مستقل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪجھ واڌو قدم به گهربل هئا. انهيءَ ڪري اهڙي صورتحال ۾ اڳتي هلي ”مشن ڪريپ“ (Mission Creep) جو اصطلاح ڪتب آندو ويو، جنهن ۾ جهيڙي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. انهيءَ حوالي سان 1956ع ۾ ڪئناڊا جي پرڏيهي معاملن جي وزير ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ”ڊگ هئمرشولڊ“ گڏيل قومن جي اداري جي پلئٽفارم تان ”امن قائم ڪرڻ واري فوج“ (Peace Keeping Force) قائم ڪئي، جنهن جي شعبا بندي ڪرڻ کان پوءِ ان جي ورديءَ کانسواءِ خاص قسم جي ٽوپي به تيار ڪرائي وئي ۽ ان خاص ٽوپيءَ جو رنگ ”نيرو“ مقرر ڪيو ويو. ٽوپيءَ کي ٻين فوجي ٽوپين کان الڳ رنگ ڏيڻ جو مقصد، بين الاقوامي امن فوج جي انفراديت کي ظاهر ڪرڻ آهي. ان هوندي به ”امن فوج“ جي طريقيڪار ۽ اختيارن کي اڃا تائين چڱيءَ ريت گڏيل قومن جي چارٽر ۾ بيان نه ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي چارٽر جي 6 ۽ 7 باب ۾، امن جي ڪوشش وٺڻ لاءِ جيڪي تفصيل بيان ڪيا ويا آهن، انهن سان امن جي بحاليءَ واري عمل کي به جوڙيو ويو آهي. جيتوڻيڪ امن جي بحاليءَ لاءِ گڏيل قومن جي پڌرنامي جي روح مطابق جوڙجڪ ضروري آهي. انهن کوٽن جي باوجود، گڏيل قومن جي امن بحال ڪرائيندڙ فوج، دُنيا ۾ امن ۽ صلح جي لاءِ گھڻن هنڌن مثال طور؛ ڪمبوڊيا، نميبيا، انگولا، لبنان، ايراني نار ۽ صوماليا وغيره ۾ ڪاميابيءَ سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري چڪي آهي. امن فوج جي اهڙي اهميت کي محسوس ڪندي، گڏيل قومن جي اداري ڪيترن مُتاثر ملڪن جي داخلي معاملن ۾ به هن فوج جو استعمال مُناسب ۽ بهتر سمجهيو. منڍ ۾ اها فوج ٻن تڪراري ڌُر جي وچ ۾ هلندڙ جهيِڙو ٽارڻ لاءِ ڪتب آندي ويندي هئي، پر 1988ع کان پوءِ گڏيل قومن جي اداري اهڙن ملڪن ۾ به کيس ذميواري سونپيون، جتي گهرو ويڙھ ۾ اَڙيل مُختلف ڌرين ۾ جنگ جاري هُئي ۽ اُتي انتظامي معاملا هيٺ مٿي لڳا پيا هُئا. اهڙن مُلڪن ۾ امن فوج کي گڏيل قومن طرفان چونڊون ڪرائڻ، انتظامي معاملن کي سُڌارڻ، عوام کي تحفظ ڏيڻ ۽ جهيڙن کان تنگ اچي ملڪ ڇڏي ويل ماڻهن کي واپس پنهنجي اباڻي وطن ۾ ٻيهر آباد ڪرائڻ جا اختيار به ڏنا ويا. ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته گڏيل قومن جي امن بحال ڪرائيندڙ فوج کي گھڻن معاملن ۽ هنڌن تي ڪن ملڪن پنهنجن خاص مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪيو. ان کانسواءِ گھڻن علائقن (جهڙوڪ ڪشمير) ۾ گڏيل قومن جي امن فوج پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. سندس مُقابلي ۾ اولھ جي مُلڪن جي فوجي اتحاد نيٽو امن فوج جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ متحرڪ ۽ اثرائتي رهي آهي. 1992ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ”بترس غالي“، امن جي آڻڻ لاءِ خاص علائقي ۽ خاص حالتن آهر مداخلت ڪرڻ ۽ نون اختيار ڏيڻ لاءِ اداري آڏو تجويزون پيش ڪيون، پر ان ڏس ۾ مڪمل سوڀاري ٿيڻ لاءِ ”پيس ڪيپگ“ جو عمل نون ضابطن، اختيارن ۽ قانونن جي انتظار ۾ آهي. [1]

حوالا[سنواريو]