امن آب حيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امن آب حيات، ھي شعري مجموعو سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي تخليق آهي، هن ڪتاب ۾ غزل، وايون ۽ بيت شامل آهي. هن ڪتاب ۾ سرڪش سنڌيءَ جي مزاحمتي توڙي رومانوي شاعري شامل آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ”هر ساٿ هجي ارپيل مظلوم گهراڻي سان“ ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو لکيل آهي، جڏهن ته ”امن ڌاران عيد“ جي سري سان سرڪش سنڌيءَ جو پنهنجو تاثر ڏنل آهي. پنهنجي پاران قاضي عبدالحئي قائل لکيو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي سرڪش سنڌيءَ جي اسڪيچ سان ”جيڏو سرڪش ٿيندو آهي“ جي عنوان سان نامور شاعر آثم ناٿن شاهيءَ جي منظوم ڀيٽا شامل آهي، هن ڪتاب جو ٽائيٽل نامور مصور فتاح هاليپوٽي جو ٺهيل آهي، سرڪش سنڌيءَ جي هن ڪتاب ۾ مزاحمت جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو. ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي 1987ع ۾ سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتيديري ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.