امر لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سندس اصل نالو محمد يعقوب آهي، هي 30 -اپريل- 1965ع تي ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري، تعلقي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اي (-انگريزي- ادب 1992ع) ۾ ڪئي ۽ هن وقت شهيد صبغت -الله- شاهه ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ ليڪچرار آهي. هي مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس تصنيفن ۾ ”-جاڳ-“ (شاعري ۽ ڪهاڻيون 1993)، ”لٽ اوراٽي دنيا“، ”-جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو-“. (مشاهداتي مطالعو 2003)، ”موکي“ (ناوليٽ 2005) ۽ ”ناري جي ڪناري“ (2005) شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]