امجد شاھ جيلاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي برگزيده شخصيت ۽ نامور سياستدان، پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو فرزند سيد -امجد شاهه جيلاني-، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو. بي. اي مڪينيڪل، مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1973ع ۾ ڪيائين. امجد شاهه جيلاني، زرعي مشينريءَ ۾ 1975ع کان 1977ع تائين ٽي سال انجنيئر رهيو، -ان- کان پوءِ جڏهن پير علي محمد راشدي صاحب، اطلاعات کاتي ۾ وزيراعظم جو مشير هو ته 1975ع کان 1977ع تائين سندس اسٽاف آفيسر رهيو. ملڪ جي وڏي سياسي -پارٽي- -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ ۾ پنهنجي والد ۽ وڏي -ڀاءُ- پير آفتاب حسين شاهه جيلانيءَ جي اثر هيٺ ابتدا کان شامل رهيو 1989ع ۾ پ. پ. پ جي صوبائي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1990ع ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 1993ع ۾ پڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو صوبائي وزير رهيو. 1996ع ۾ زراعت کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 1997ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. -امجد شاهه جيلاني-، ادب ۽ موسيقيءَ جو خاص شوقين آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد تعلقي جي ٻهراڙيءَ واري -تڪ- مان سنڌ -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو ويو، هن وقت -تعليم-، قانون ۽ انساني حقن بابت سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽين جو ميمبر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]