امتراء سام جئسنگھاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديوان امرتراءِ ولد حشمتراءِ 3 جون 1903ع تي ڳوٺ طيب تعلقي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هو مشهور شاعر، اديب ۽ سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي. ديوان امرتراءِ شروعاتي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ -تعليم- لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. جڏهن قطع تعلقات تحريڪ شروع ٿي ته هن -ان- ۾ ڀرپور حصو ورتو. -ان- دوران فرانس جي رهاڪو ميسو -پال- رچرڊ سان ڏيٺ ويٺ ٿيس، جنهن جي دعوت تي انگلينڊ، فرانس، مصر، شام، الجيريا، فلسطين ۽ ٻين ملڪن جو سير ڪندي، ديوان صاحب -تاريخ- ۽ ادب ۾ ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ۽ -انگريزي- ۾ چوڏهن کن ڪتاب لکي ورتائين، بعد ۾ موٽي اچي ڪراچيءَ مان (New Age) نالي هڪ رسالو به -جاري- ڪيائين ۽ ”اڪبر -آشرم-“ نالي هڪ تحريري رٿا به مرتب ڪيائين. هن ”سام“ جي تخلص سان مختلف ٻولين ۾ شاعري ڪئي. غزل، نظم، ڪافي، رباعي، قصيده، وائي ۽ ڀڄن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪلام سنڌي، هندي، سرائڪي، فارسي، -اردو- ۽ -انگريزي- ٻولين ۾ ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس ديوان 1934ع ۾ -انڊيا- مان پڌرو ٿيو. سندس تصنيفات ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن. ”آتم -باغ-“، ”تون ۽ مان“ ۽ ”دل جي مام“، ”سدا ڀرپور“ گهڻو مقبول آهن. سندس شريڪ حيات، هن جي شخصيت تي جيئري ئي ”جيتامڙي جي ڊائري“ جي نالي سان ڪتاب لکيو. ديوان امرت راءِ ”سام“ جئسنگهاڻي 12 فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]