امان الله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فائل:Amanullah Comedian.jpg
امان الله خان

امان الله ((انگريزي ٻولي: Amanullah) جنم: 1950ع ـ وفات: 6 مارچ 2020ع) يا امان الله خان پاڪستان جو مشهور مزاحيه اداڪار هو. هن اسٽيج، ٽيليويزن ۽ فلم ۾ پنهنجي اداڪاريءَ سان ماڻهن جي منهن تي مرڪون آنديون. هن اٽڪل 2000 اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو[1].

ننڍپڻ[سنواريو]

امان الله 1950ع ڌاري گوجرانوالا ۾ ڄائو. سندس واسطو هڪ انتهائي غريب خاندان سان هو. ننڍي ڄمار ۾ ئي پيٽ گذر لاءِ لاهور لڏي آيو جتي داتا درٻار ۾ کٽمٺڙا وڪڻي پنهنجون ۽ پنهنجي خاندان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳو. هن کي ننڍي هوندي ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ اهو شوق پورو ڪرڻ لاءِ داتا درٻار جي اڱڻ تي ڳائيندو رهندو هو.

فني سفر[سنواريو]

امان الله جو فني سفر چاليهن سالن تي مشتمل آهي. شروع شروع ۾ هن لاهور ۾ اڪيلي سر مزاحيه شو ڪرڻ شروع ڪيا، جن ۾ هن مشهور اداڪارن جي ڳالهائڻ جا انداز مزاحيه انداز ۾ پيش ڪندو هو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي هن کي پهريون ڀيرو پروڊيوسر اقبال آفنديءَ ”سڪسر“ نالي هڪ ڊرامي ۾ متعارف ڪرايو. اهو ڊرامون ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبول ٿيو ۽ ايئن امان الله جو فن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهتو. ان بعد هن ٽيلي ويزن جي ٻين به ڪيترن ئي ڊرامن ۾ حصو ورتو جن ۾ ”بشيرا ان ٽربل“ ۽ ”لنڊا بازار“ خاص ذڪر جي لائق آهن. هن پنهنجي چاليهن سالن جي فني سفر ۾ اٽڪل 2000 اسٽيج ڊرامن ۾ مزاحيه اداڪاري ڪري ماڻهن لاءِ وندر ۽ ورونهن جو سامان مهيا ڪيو[2].

هن 2010ع کان 2013ع تائين جيو ٽي وي جي پروگرام خبرناڪ ۾ هڪ اکين کان نابين اٻوجھ ڳوٺاڻي حڪيم صاحب جو ڪردار ادا ڪيو. سندس همعصر مزاحيه اداڪار کيس پنهنجو استاد ڪري مڃيندا هئا[3]. هن هندستان جو به دورو ڪيو هو. مشهور هندستاني اداڪار ڪپيل شرما ۽ چندن پرڀاڪر کيس پنهنجو استاد مڃيندا هئا. پاڪستان ۾ هن کي ”مزاح جو بادشاھ“ سڏيو ويندو هو[4]. 2018ع ۾ هن آپ نيوز چينل تي خبرناڪ پروگرام ۾ ڪم ڪيو. هن ٻن اردو فلمن ”ون ٽو ڪا ون“ (2006) ۽ ”نامعلوم افراد“ ۾ به ڪم ڪيو.

هن ٽي شاديون ڪيون جن مان کيس چوڏهن ٻار هئا.

ايوارڊ[سنواريو]

امان الله کي فن جي مڃتا طور 2018ع ۾ پاڪستان جي صدر پاران حسن ڪارڪردگيءَ جو تمغو ڏنو ويو[5].

وفات[سنواريو]

عمر جي آخري حصي ۾ کيس بيماريون وڪوڙي ويون. کيس ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿي پئي. سندس جيرو ۽ ڦڦڙ به خراب ٿي پيا. آخرڪار 6 مارچ 2020ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين.


حوالا[سنواريو]

  1. "King of comedy Amanullah Khan hospitalised". Daily Pakistan Global. حاصل ڪيل 2020-03-06. 
  2. Hussain, Imran Gabol | Javed. "Veteran comedian Amanullah passes away at 70". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-03-06. 
  3. "The Comical Genius called Amanullah Khan". Believe The Hype. حاصل ڪيل 2020-03-06. 
  4. administrator. "Amanullah". Trending Topics in Pakistan. حاصل ڪيل 2020-03-06. 
  5. Dawn.com. "President Mamnoon confers civil awards on Yaum-i-Pakistan". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-03-06.