امام علي شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد امام علي شاھ ولد ڏنل شاھ، ڳوٺ لاڙڪ، تعلقي ڪنڊياري جو ويٺل هو. سال 39-1938ع ڌاري گذاري ويو. راڻيپور جي پير صالح شاھ صاحب جو مريد هو. شاعريءَ ۾ محمد فقير کٽياڻ ۽ فقير خيرمحمد هيسباڻيءَ کان متاثر نظر اچي ٿو. سندس ڪلام جو مضمون اڪثر سادو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]