مواد ڏانھن هلو

امام بخش ڳاھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رئيس امام بخش خان ڳاھو(انگريزي: Rais Imam Bux Khan Gaho ) جي وڏن جو تعلق اصل ٽنڊو الهيار ضلعي جي ديھ ڳاهڪيءَ جي ڳوٺ ڪامل ڳاهو سان ھو. اتان ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخر ۽ ٽالپرن جي شروعات ڌاري لڏي، گھوڙا ٻاري تعلقي ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا. سندن پڙڏاڏي جي نالي سان ديھ حيات ڳاهو،ديھ پتڻ حيات ڳاھو ۽ديھ ٻيلو حيات ڳاهو اڃا تائين يادگار آهن. ميرن جي دؤر حڪومت ۾ هن قبيلي مان ڪيترا ميرن جا ڪارندا ٿي رهيا، جن مان رئيس ڪامل خان ڳاهو خاص هو، جنهن کي فرزند رئيس حيات خان ڳاھو پيدا ٿيو، جنهن جي نالي تي اھي ٽي ديھون قائم آھن. رئيس حيات خان کي رئيس نور محمد خان نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن کي چار فرزند ٿيا: 1. رئيس آگيڏنو خان، 2 رئيس صاحبڏنو خان، 3. رئيس ڪامل خان ۽ 4. رئيس يار محمد خان موجوه ڳوٺ تي نالو انهيءَ آگيڏني خان جي ڪري پيو. رئيس آگيڏني خان کي ست فرزند ٿيا، جن مان ميان علي بخش خان کي ٻه فرزند ٿيا: رئيس امام بخش خان ۽ رئيس الهڏنو خان. رئيس امام بخش خان 4 جنوري 1902ع تي ڄائو. ابتدا ۾ قرآن شريف پڙهيائين، پوءِ ستين درجي تائين سنڌي پڙهي، سڪندر نامي تائين فارسي پڙهيائين، انهيءَ تعليم حاصل ڪرڻ بعد، هن زمينداري ڪم ۾ دلچسپي وٺي، زمين سڌاري ۽ ملڪيت وڌائي. سال 1928ع ۾، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ٽيهن سالن تائين لاڳيتو ميمبر چونڊيو آيو. ڪجهه وقت تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جو پريزيڊنٽ ۽ 1933ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو، سنڌ جي عام زميندار ڪلاس وانگر، هي ڪامورن سان لاڳاپي ۽ طاقتور گروهه سان دوستي رکڻ جو اختيار ڪندو آيو، جنهن ڪري کيس 1931ع ۾ ڪمشنر صاحب جي درٻار جي ڪرسيءَ جي سند ملي. 1943ع ۾ وائسراءِ هند کان، قيصر هند جو تمغو انعام مليس. ان کان سواءِ کيس ٻيا ڪيترا آفرين ناما به عطا ٿيا. سال 1942ع ۾ کيس ’خان صاحب‘ جو لقب مليو. انهيءَ وقت کان جي پي به ٿيو. ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ ۾ جڏهن منهنجو مسٽر گبسن ڪليڪٽر ڪراچيءَ سان اختلاف ٿي پيو، تڏهن هي صاحب قاضي عبدالرحمان، چيف آفيسر لوڪل بورڊ، جي سرڪاري گروهه جو سرگرم رڪن ٿي رهيو. جڏهن سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ، [[مسلم ليگ ][جماعت زور وٺڻ لڳي، تڏهن هي ان ۾ داخل ٿي ويو. هڪ وقت تعلقي مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ ۽ صوبي مسلم ليگ جو ميمبر ٿي رهيو. آخر ۾ جڏهن چڱو اثر ۽ رسوخ حاصل ڪري ويو، تڏهن ڳاهن گڏجي، کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي.

هن اڪثر طاقت ۾ آيل ماڻهن سان دوستاڻا تعلقات رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. وڏيرو محمد عثمان سومرو ۽ قاضي عبدلرحمان سندس شخصي دوستن مان هئا، ازانسواءِ سردار واحد بخش خان ڀٽي ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سان به چڱا تعلقات هئس، جن کي انهيءَ حد ۾ زمين به خريد ڪرائي ڏنائين. کيس چار فرزند آهن: آگيڏنو خان، نور محمد خان، پير محمد خان ۽ محمد حيات خان.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو