امام بخش گھرياڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام بخش گهرياڻي- دادوءَ جو مشهور ۽ معروف وڪيل سال 1945ع ڌاري ڳوٺ شاهه حسن ۾ ڄائو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ دادوءَ اچي سيشن ڪورٽ ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. نوڪريءَ دوران ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ وڪالت ڪرڻ لڳو. هي پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان هو، هو پيپلز -پارٽي- دادو سٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. مشهور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن -آسن داس- جو وڪالت ۾ اسسٽنٽ هو. جڏهن -آسن داس- هندوستان ويو ته ڪچهري روڊ واري آفيس سندس حوالي ڪري ويو. -امام- بخش يارن جو يار، هڏ ڏوکي ۽ قومي جذبا رکندڙ، -تاريخ- ۽ ادب سان پيار ڪندڙ شخص هو. -تاج صحرائي- ۽ -استاد بخاري- سميت ٻيا به دادوءَ جا اديب شاعر ۽ ادب دوست شام جو روز سندس آفيس تي ڪچهري لاءِ ڪٺا ٿيندا هئا. هن ايم. -آر-. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهنڪري ڪيترا ڀيرا جيل به ڀوڳيائين. محترمه بينظير جي پوئين دور ۾ کيس پبلڪ اڪاٽونس ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. -استاد بخاري- اڪيڊميءَ جو ميمبر هو. عمر جو آخري حصو بيماري ۾ رهندي سال 2009ع ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]