امام بخش شاھ فدوي
امام بخش شاهه ”فدوي“ ٺٽي جي رضوي ساداتن مان هو. 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي. وڏو عالم ۽ بزرگ هو. مهدوي عقيدي جو هو. -ٺٽي- ۾ پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هئائين، -جتي- پاڻ درس ڏيندو هو. مير مرتضائي ٺٽويءَ جو ڀائٽيو ۽ شاگرد هو. شاعر به هو. مرثيا، منقبت ۽ غزل چيا اٿس. هڪ مثنوي ”يوسف زليخا“ به لکي اٿس. سندس واسطو مڪليءَ جي مشهور اولياء سيد محمد يوسف جي خاندان سان هو. سندس پيءُ جو نالو روشن شاهه هو. -امام- بخش شاهه فدوي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ تپيدار هو. هو جهرڪ ۽ گهوڙاٻاري، وغيره ۾ نوڪريءَ سانگي رهيو. 1876ع ۾ نوڪري ڇڏيائين. هن جا سنڌ جي مشهور شخصيت غلام محمد شاهه ”گدا“ سان گهرا لاڳاپا هئا ۽ هو سدائين حيدرآباد ۾ ساڻس ملندو هو. ڊاڪٽر -اياز قادري- پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جي -اوسر-“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ لکي ٿو ته ”فدوي پنهنجي دؤر جو نه صرف شاعر هو، پر -ٺٽي- جو پهريون شاعر آهي، جنهن ڄاڻي واڻي سنڌي شاعريءَ ڏانهن وک وڌائي.“ -امام- بخش شاهه فدويءَ جو سنڌيءَ ۾ ديوان پڻ موجود آهي.[1]