امام بخش زرداري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام بخش زرداري ولد مير متارو زرداري 1962ع ۾ ڳوٺ ٻاڪي تعلقي قاضي احمد ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ پيدا ٿيو. راڳ جي شروعات 1984ع کان ڪئي، راڳ ۾ سندس استاد مٺل فقير هو. 600 جي لڳ ڀڳ آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون رڪارڊ ڪرايون. حيدرآباد ۽ مير پور خاص ريڊيو اسٽيشن تي ڪيترائي سنڌي سرائڪي ڪلام رڪارڊ ڪرايا. پي ٽي وي تي 10 کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ڪرايا. کيس جلال چانڊيو فلم تي ايوارڊ پڻ مليو. سڄي ملڪ ۾ نجي توڙي سرڪاري محفلن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.