الھه آباد (سنڌ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن ڦٽل شهر جا آثار ”کڙ“ نالي ڳوٺ ڀرسان دولت پور صفن کان اتر ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي آهن. ميان محمد مرادياب خان ڪلهوڙي کي جڏهن حڪومت جو پروانو مليو ته هن نصرپور لڳ درياهه جي ٻئي ڪناري تي خيما کوڙيا هئا ۽ اتي جلوس (-تخت- نشيءَ) جي رسم ادا ڪئي هئائين، انهي هنڌ ميان صاحب پنهنجي نالي سان هڪ شهر -آباد- ڪري، -ان- جو نالو ’مراد -آباد-‘ رکيو . ڪجهه عرصي بعد -ٻوڏ- سبب اهو شهر تباهه ٿي ويو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ’محمد -آباد-‘ جي ڀرسان هڪ نئون شهر ’-الهه آباد-‘ جي نالي سان -آباد- ڪيو، اڳتي هلي ميان غلام شاهه شهر جو نالو ’-الهه آباد-‘ مان ڦيرائي ’شاهپور‘ رکيو. شهر ننڍو هجڻ سبب گهڻي عرصي تائين حڪومت جو مرڪز نه رهيو ۽ جلد -ان- کي -ترڪ- ڪري هڪ نئون شهر ’حيدرآباد‘ جي نالي سان -آباد- ڪيو ويو. شاهپور هن وقت هڪ معمولي ڳوٺ آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي شاهپور نالي هڪ ٻيو به شهر -آباد- ڪرايو هو.[1]

حوالا[سنواريو]