الھداد راھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الهداد ولد علي حيدر راهو، 1984ع ۾ ڳوٺ پهلوان عارف راهو ضلعي نواب شاهه ۾ -جنم- ورتو، سندس -تعليم- مئٽرڪ آهي. ملهه پهلواني کيس ورثي ۾ نصيب ٿي. هن 2000/2001 کان ملهه جي شروعات ڪئي، -الهداد راهو- پنهنجي پهلوانيءَ جا جوهر ڏيکاري 15 کن ننڍا وڏا -انعام- کٽي چڪو آهي. تازو 11 مارچ 2010ع تي اڳوڻي روسي رياست ڪرغستان جي شهر بِشڪڪ ۾ 17 ملڪن جي 147 ملهه پهلوانن جي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن کڻي گولڊ ميڊل کٽي ورتو، گولڊ ميڊل کٽڻ جي خوشيءَ ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ۽ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ اداري پاران کيس 16 -اپريل- 2010ع تي آجياڻو ڏئي پڳ ٻڌرائي ويئي. پڳ جو پهريون ور سنڌ جي وڏي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- ڏنو. جڏهن ته ملهه ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر غلام سرور -جتوئي- پڳ جو ٻيو ور ڏنو. -ان- کانسواءِ سندس والد -استاد- ۽ سنڌ مان ڪهي آيل نامور مَلهن کيس جس ڏيندي پڳ جا جا ور ڏنا. هن جي ٻن ساٿين پرويز -اعواڻ- (لاڙڪاڻو) ۽ مختيار عالماڻي (نوشهروفيروز) پڻ ڪرغستان ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي هئي، -جن- کي به -ان- موقعي تي -اجرڪ- پارائي سندن عزت افزائي ڪئي وئي.[1]

حوالا[سنواريو]