الھداد خان لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الهداد خان ”صوفي“ 7 جون 1823ع تي ڄائو. ميرن جي دور جو هڪ مشهور مولودگو هو، جنهن لاتعداد مولود چيا. هن جي والد جو نالو نواب ولي محمد خان لغاري هو. عبدالرئوف ڀٽيءَ ۽ پوئين دور جي مولودگو شاعرن کان پوءِ الهداد لغاريءَ جو نالو مولودگو شاعرن ۾ سامهون اچي ٿو. ميرصاحبن وٽ هن جي تمام گهڻي عزت هئي. الهداد خان جو تخلص ”صوفي“ هو. هن جا مولود ”ديوان صوفي“ ۾ محفوظ آهن، جيڪو فارسي زبان ۾ آهي. سندس چيل مولودن مان ”حشر ويل حساب ۾“ ۽ ”محمد مرسل مصطفيٰ“ مشهور آهن. هن تعلقي سيوهڻ ۾ 30 نومبر 1882ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]