الھجڙيو سمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الھ جڙيو سمون مشهور ملھ، جيڪو اصل ڳوٺ ڌڻي پرتي سمي جو ويٺل هو. هيءُ پهلوان پهرين جوڙ جي سٺن ملهن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ لاڙ طرف کان ملھ وڙهندو آهي. هن جا گهڻائي شاگرد آهن، جيڪي بهترين ملھ آهن. پاڻ مولابخش جماليءَ جو شاگرد آهي. پهرئين جوڙ ۾ هُو مشهور ملھ پهلوان شير ميربحر کي چئلينج ڪري پهتو هو، سندن مقابلو فيبروري 1968ع ۾ خيرپور جي ملاکڙي ۾ ٿيو هو.[1]

حوالا[سنواريو]