الھبچايو ٽالپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نامور سياستدان مير الهبچائي -ٽالپر- 1913ع ڌاري جهڏي ضلعي ميرپورخاص ۾ -جنم- ورتو. سندس وڏا اصل خيرپور ميرس جا هئا، -جتي- اڄ به سندن وڏي لقمان خان -ٽالپر- جي نالي سان منسوب’لقمان -پاڙو-‘ مشهور آهي. بعد ۾ ڏيڍ سؤ سال اڳ اچي جهڏي شهر ۾ -آباد- ٿيا. مير الهبچائي ورهاڱي کان اڳ انگلينڊ مان گرئجوئيشن ۽ -آمريڪا- جي ٽيڪساس يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري، هن سنڌ جي پهرين ايم. -ايس-. سي (زراعت) هئڻ جو اعزاز ماڻيو. هن لنڊن مان ميون جي پالنا ۽ پولٽري فارم متعلق به خصوصي -تعليم- حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هن سنڌ ۾ پهريون ميون جو پولٽري فارم ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو. هو آل -انڊيا- ڪيٽل شو دهليءَ جي ڪميٽيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ پئنل جج پڻ چونڊيو ويو. مير -الله- بچايو -بئنڪ- آف پاڪستان'>-اسٽيٽ -بئنڪ- آف پاڪستان-، ڪامرس -بئنڪ- ۽ مسلم ڪمرشل -بئنڪ- جو اعزازي ڊائريڪٽر به رهيو. مير الهبچائي -ٽالپر- جو شمار خاڪسار تحريڪ جي باني علامه عنايت -الله- مشرقيءَ جي انتهائي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. پاڻ سنڌ جي قانون ساز -اسيمبلي-، اولهه -پاڪستان- جي ون يونٽ -اسيمبلي- ۽ مجلس شوريٰ جو ميمبر پڻ رهيو. مسلسل -اٺ- سال بيماريءَ جي بستري تي رهڻ سبب سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان پاسيرو رهيو. ڊگهيءَ علالت بعد 24 مئي 2005ع تي 92 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. کيس جهڏي جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]