الھبچايو لاسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جو جهونو ملهه، ريڊيوپاڪستان ۽ -ٽيليويزن- جو مشهور فنڪار، -الهبچايو لاسي- ولد محمد قاسم لاسي، لسٻيلي جي تعلقي اٿل ۾ 1930ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پهريائين پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکاريا، ۽ ملهه وڙهڻ جي شروعات قلندر لعل شهباز جي ميلي تي لڳندڙ ملاکڙي کان ڪئي. هيءُ -انب شيدي- ۽ هنڊل مڪرانيءَ جي ٽولي ۾ شامل هو ۽ ٻئي جوڙ جو ملهه هو. تنهن کان پوءِ هو گهڙي وڄائڻ جي شوق ۾ -استاد- الهبچايي خاصخيليءَ جي شاگرديءَ ۾ آيو ۽ جلد ئي هڪ سٺو فنڪار بڻجي ويو. الهبچايو پهرين -پاڪستان- -ٽيليويزن- تي -استاد- محمد -بچل- ڍولڪ نواز جي وسيلي سان آيو، جنهن کان پوءِ هو ريڊيو -پاڪستان- ڪراچيءَ تي آيو. هن پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ گهڙي وڄائڻ جو هڪ ناميارو فنڪار بڻجي ويو هو. پنهنجي فن جو مظاهرو ڏکڻ ڪوريا کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ ڪري چڪو آهي. سندس پهريون غيرملڪي دورو 1984ع ۾ ٿيو هو.[1]

حوالا[سنواريو]