الھام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
A phrenological mapping[1] of the brainphrenology was among the first attempts to correlate mental functions with specific parts of the brain

الهام____(Intuition):


دينيات ۾ الهام لفظ خدائي اَثر لاءِ مخصوص هو. (All scripture is given by the inspiration of God). هي رباني/خدائي اثر شاعرن ۾ به ڪارفرما هوندو آهي. ملٽن جو چوڻ آهي ته شاعر کي هميشه ان ابدي روح جي ضرورت پوندي آهي، جيڪو پنهنجي مقدس فرشتي کي پنهنجي قربان گاهه جي مقدس باهه ڏئي موڪليندو آهي. الهام وجدان ۽ لقاءَ جو نالو آهي. اندرئين احساس جو اهو شعلو، جيڪو تخليق جو ڪارڻ بنجي ٿو. [2] الھام جي لغوي معنيٰ آهي ڳيهڻ، نڙيءَ مان اندر پيٽ ۾ وجهڻ، ڪنهن شيءِ کي جذب ڪرڻ. ابن خلدون ”الهام“ کي وجدان جي هڪ صورت خيال ڪيو آهي. امام راغب لکيو آهي ته الهام جي معنيٰ آهي، ڪنهن جي دل ۾ ڪا ڳالهه وجهڻ ۽ القاءُ ڪرڻ، ليڪن هيءُ لفظ اهڙيءَ ڳالهه جي القاءُ سان گڏ مخصوص ٿي چڪو آهي، جا الله تعاليٰ جي طرفان ڪنهن جي دل ۾ وڌي وڃي. يعني ”الهام“ جي معنيٰ ”دل ۾ وجهڻ“. هن هيءَ حديث نقل ڪئي آهي ته ”الاهي، آءٌ تنهنجي رحمت جو ٿورائتو آهيان، منهنجي دل ۾ اهڙي ڳالهه وجهه، جيڪا منهنجي رشد و هدايت جو سبب ٿئي.“ گويا الهام مان مراد الله تعاليٰ جي طرفان دل ۾ ڪنهن شيءِ يا ڳالهه جو القاءُ آهي. سيوطيءَ جي خيال موجب اهڙو القاءُ، جيڪو انسان کي ڪنهن ڪم تي آماده ڪري يا روڪي ڇڏي. ابن الاثير لکيو آهي ته الهام وحيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن سان الله تعاليٰ پنهنجن بندن مان جنهن کي گهري سرفراز ڪري.

الهام، علم ۽ ادراڪ جو سرچشمو آهي. امام غزاليءَ علم بذريعه اڪتساب ۽ علم بذريعه الهام ۾ فرق بيان ڪيو آهي: جيئن هڪڙيءَ کڏ ۾ پاڻي ٻاهران اچي گڏ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪچرو به هوندو آهي. ٻيءَ کڏ ۾ پاڻي اندران کوهه جي نارن وانگر ڀرجي ويندو آهي، جيڪو صاف شفاف هوندو آهي. ٻاهران آيل پاڻيءَ کي اڪتسابي علم ڪري ڀانئجي ۽ اندران آيل پاڻيءَ کي الهامي علم ڪري چئجي. اهڙيءَ طرح الهام جو مطلب ٿيو: اندر جو خدائي آواز خدا جي طرفان دل ۾ آيل ڳالهه يا القاءُ.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. Oliver Elbs, Neuro-Esthetics: Mapological foundations and applications (Map 2003), (Munich 2005)
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. الھام انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع