الڀو شيخ ٺٽوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الڀو شيخ ، نائين صدي هجريءَ جو ناليوارو درويش ٿي گذريو آهي . الڀي شيخ جو اصل نالو ڄام مارس هو . هو ڄام نظام الدين سمي جو ناٺي ۽ ڀاڻيجو هو . وٽس تمام گهڻي دولت هئي . سيد حسين شيرازيءَ کان فيض حاصل ڪيائين . الڀي نالي پوڻ جي روايت آهي ته هڪ دفعي پيشاب ڪندي پنهنجي اڳيان سون جي واهي وهندي ڏٺائين . -ان- تي مٽي ۽ -پٿر- وجهي -ان- کي پوري ڇڏيائين . جڏهن اها خبر سندس مرشد کي پئي ، ته اُن کيس ” الڀو “ جو لقب ڏئي ڇڏيو: الڀو معنيٰ جنهن کي لوڀ لالچ نه هجي . الڀو شيخ ، بزرگ درويش هو . کيس ڪيترن ئي بزرگ هستين جي ديدار ڪرڻ جو شرف حاصل هو . پهرين ذوالحج 885ھ/1480ع تي وفات ڪيائين . سندس مقبرو -ٺٽي- ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]