الٽراسانڪ ڪلينر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
الٽراسانڪ ڪلينر جي ھڪ تصوير ۾ سن جو ٻاھر نڪرندڙ ڇڪو ۽ ٻي تصوير ۾ ويجھو کان ان جو ٽائيمر ڏيکاريل

الٽراسانڪ ڪلينر (انگريزي: Ultrasonic cleaner ) ھڪ اوزار جنھن ۾ الٽراسائونڊ جي ذريعي ( يعني 20 کان 40 ڪلو ھاٽز (KHz) تائين) پاڻي کي جوش ڪيو ويندو آهي. ان سسٽم ۾ پاڻي جي جاء تي کار جو محلول استعمال ٿيندو آهي جيڪو شين کي لڳل مٽي جي حساب سان ٺاھيو ويندو آهي. عام طور تي الٽراسانڪ صفائي ۾ ٽي کان ڇھ منٽ لڳندا آهن پر اھا 20 منٽن تائين بہ جاري رکي سگھجي ٿي جنھن جو دارومدار صاف ڪئي ويندڙ چيز تي ھوندو آھي.[1] الٽراسانڪ صفائي جي طريقي سان مختلف چيزن کي صاف ڪيو ويندو آهي جن ۾ زيور، اکين جا لينس، واچون، ڏندن جا ۽ جراحي جا اوزار، ٻيا اوزار، سڪا، مس واريون پينون، گولف راند جون ھاڪيون، مڇي پڪڙڻ جو اوزار جا ريل، درين جون ڇپريون، ھٿيار، ڪار جي پيٽرول وارو انجيڪٽر، سازن وارو سامان، گراموفون جو رڪارڊ، ۽ ٻيا صنعتي ۽ برقي اوزار صاف ڪيا ويندا آهن.[2] صفائي جي ھن طريقي ۾ شين جا مٿاڇرا صاف ڪيا ويندا آهن. ھن طريقي جي صفائيءَ جي لاء سڀ کان اول ڪمرشل استعمال 1950 واري ڏهاڪي ۾ ڪيو ويو. 1970 بعد مغرب ۾ گھرن ۾ سستا الٽراسانڪ ڪلينر عام ٿي ويا.[3] صنعتي طور تي ھن قسم جي صفائي جي نظام جو استعمال ڪافي ڏھاڪن کان ٿيندو پيو اچي جنھن ۾ ننڍڙن۽ پيچيده شين جي صفائي ڪئي وڃي ٿي.[4]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]