اليڪٽرو ڪارڊيوگرافي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


دل جي حرڪت ۽ اي سي جي


اليڪٽرو ڪارڊيوگرافي

معمول واري دل جي تال(sinus rhythm) ۾ دل جي اي سي جي
آء سي ڊي-10 پي سي ايس R94.31
آء سي ڊي-9+سي ايم 89.52
MeSH D004562
MedlinePlus 003868

اليڪٽرو ڪارڊيوگرافي(انگريزي: Electrocardiography) اليڪٽرو ڪارڊيوگرام ظاھر ڪرڻ جي مرحلي جو نالو آهي. مختصرن ان کي اي سي جي(انگريزي: ECG ) يا آمريڪا ۾ اي ڪي جي (انگريزي: EKG )چون ٿا. اھو دل جي برقي حرڪت جي ڀيٽ ۾ وولٽيج جي گراف کي درج ڪرڻ جو عمل ھوندو آھي. [1] ان لاءِ اليڪٽروڊ (electrode) جو استعمال تيندو آهي جيڪي جسم جي چمڙي ۾ چنبڙايا ويندا آهن. اھي اليڪٽروڊ معمولي برقي تبديلين کي ڳوليندا آھن جيڪي دل جي ھر ڌڙڪي دوران دل جي ڏوري (cardiac muscle) جي ڊيپولرائيزيشن ۽ ريپولرائيزيشن جو نتيجو ھونديون آھن. اي سي جي جي معمول واري نموني ۾ تبديليون دل جي کوڙ قسمن جي خرابين جي ڪري اينديون آهن جن ۾ دل جي تال (cardiac rhythm) جي رڪاوٽن (جھڙوڪ: شرياني فائبرليشن(atrial fibrillation) ۽ دل جي خاني واري ٽيڪيڪارڊيا (ventricular tachycardia) ) ، دل جي شريان مان رت جو ناڪافي وھڪرو ( جھڙوڪ: ميئو ڪارڊئل اسڪيميا (myocardial ischemia) ۽ ميئو ڪارڊئل انفارڪشن (myocardial infarction)) ۽ اليڪٽرولائٽ رڪاوٽون ( جھڙوڪ: ھائپوڪليميا ۽ ھائپرڪليميا) شامل آهن.


ڪنھن بہ روايتي يا عام 12 ليڊ اي سي جي ۾ ڏھ اليڪٽروڊ مريض جي عضون تي سيني تي لڳايا ويندا آهن ۽ اھڙي طرح دل جي برقي پوٽينشل (electrical potential) جو سمورو ميگنيٽيوڊ ٻارھن مختلف ڪنڊن (leads) کان ماپيو ويندو آهي ۽ ڏھن سيڪنڊن ۾ درج ڪيو ويندو آهي. اھڙي طرح دل جي چڪر (cardiac cycle) منجھ ھر گھڙي ۾ دل جي برقي پوٽينشل جو جملي ميگنيٽيوڊ ۽ دل جي برقي ڊيپولرائيزيشن کي لڌو ويندو آهي.[2] اي سي جي جا مکيہ ٽي حصا ھوندا آھن: پي ويو (P wave) جيڪا دل جي آٽريا جي ڊيپولرائيزيشن ظاھر ڪندي آهي ؛ ڪيو آر ايس ڪامپليڪس جيڪو دل جي خانن جي ڊيپولرائيزيشن ظاھر ڪندو آهي؛ ۽ ٽي ويو(T wave) جيڪا دل جي خانن جي ريپولرائيزيشن ظاھر ڪندي آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. Lilly, Leonard S, ed (2016). Pathophysiology of Heart Disease: A Collaborative Project of Medical Students and Faculty (sixth ed.). Lippincott Williams & Wilkins. p. 74. ISBN 978-1451192759. 
  2. Aswini Kumar MD. "ECG- simplified". LifeHugger. حاصل ڪيل 11 February 2010.