اليا بلاول (راڳڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اليا بلاول بلاول ٺاٺ جي کاڍو سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي ۾ مڌم ورج ۽ امروهي ۾ سمپورن آهي: پر گنڌار جو سر وڪر اٿس. هن راڳڻيءَ جي خاص تان هي آهي: پاني- ڌي ني- سا- ڌي نا ڌي پا- - ما گي ماري- گي ما پا ما- گي- ري – سا. هن جي آروهي ساري سا- گي ري گي پا- ڌي ني ڌي سا ۽ امروهي ساني ڌي پا ڌي نا ڌي پا- گي پا ما گي ري سا آهي، جڏهن تہ هن جو وادي سر ڌيوت ۽ سموادي سر گنڌار آهي ۽ صبح جي وقت ڳائبي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]