ڳوٺ الھڏنو ساند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(الهڏنو ساند کان چوريل)

الهڏنو ساند (انگريزي: Allah Dino Sand) تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ ديھ جهڪيءَ جو هڪ وڏو ڳوٺ آهي[1]. هيءُ ڳوٺ ڪراچيءَ کان پشاور ويندڙ ريلوي لائين تي آباد آهي. هتي هڪ ريلوي اسٽيشن بہ آهي پر اڄڪلھ هتي ڪابه مسافر ريل گاڏي ڪانہ ٿي بيهي. هي ڳوٺ مٽياري شهر کان ڏکڻ اوڀر ۾ 13 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊوڄام شهر کان اتر اولھ ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر پري آباد آهي. ٻين لفظن ۾ هي ڳوٺ مٽياري ۽ ٽنڊوڄام جي عين وچ ۾ ٻڌل آهي. هن ڳوٺ جي چڱي مڙس جو نالو ”الهڏنو ساند“ هو، اُنڪري هن ڳوٺ تي اهو نالو پيو. البت اهو معلوم نہ ٿي سگهيو آهي تہ اِهو ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو.

هتي هڪ پرائمري اسڪول، هڪ هاءِ اسڪول[2]، سرڪاري اسپتال ۽ ٽپال گهر[3] قائم ٿيل آهن. هن ڳوٺ کان پڪا رستا مٽياري، نصرپور، شاهپور درپور، مسو ڀرڳڙي ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڃن ٿا[4]. هن ڳوٺ جي اوسي پاسي جون زمينون تمام زرخيز ۽ پوکيءَ لاءِ بهترين آهن. هتي ڪڻڪ، وونئڻ، ڪمند، ڪيلي ۽ انبن جا باغ هر طرف نظر اچن ٿا.

حوالا[سنواريو]

  1. "جُهڪي (ديهه) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-08. 
  2. "Govt. Boys High School Allah Dino Sand, Mitiari, Hyderabad". hamariweb.com. حاصل ڪيل 2020-03-08. 
  3. "Allah Dino Sand, Hyderabad, Sindh - North: 70091 | Pakistan Postcode ✉️". pak.postcodebase.com. حاصل ڪيل 2020-03-08. 
  4. "CM vows to complete 41 road projects by year’s end". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2020-03-08.