الهه بچايو سمون
ڏيک
الھ بچايو سمون ولد يار محمد سمون 1912ع ۾ ڄائو. سندس تعلق ملير سان هو. پاڻ سنڌي زبان جو مشھور نثر نويس ٿي گذريو آهي. پاڻ پرائمري استاد هو. سمي صاحب گهڻا ڪتاب ڪونہ لکيا هن جا صرف ٻہ ڪتاب ڇپيل آهن هڪ سير ڪوهستان ۽ ٻيو لاڙ جو سير. ليڪن اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ادب جا شھپارا ليکيا وڃن ٿا. الله بچايو سمون 9 ڊسمبر 1958ع تي وفات ڪري ويو.