الطاف ملڪاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناليوارو ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ پبلشر -الطاف ملڪاڻي-، غلام هادي ملڪاڻيءَ جو فرزند آهي. هن 19 -اپريل- 1967ع تي دادو شهر ۾ -جنم- ورتو. مئٽرڪ سائنس ۾ ڪرڻ بعد زرعي ڪاليج سڪرنڊ مان ٻن سالن جو ايگريڪلچر ڊپلوما ڪورس ڪيائين ۽ هن وقت فيلڊ اسسٽنٽ طور زرعي کاتي ۾ ملازم آهي. 1984ع ۾ ٻاراڻي شاعري ڪرڻ سان ادب جي دنيا ۾ پير پاتائين. اڳتي هلي ڪهاڻيڪار طور نالو ڪڍيائين. سندس مختصر ڪهاڻين جو مجموعو ”ساڀيائن کان رٺل سپنا“، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران 1994ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن جو ٻيو ڪتاب ”شانتي“ (اجيت ڪور جي ناوليٽ جو ترجمو) 1999ع ۾ سوڀ پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو. الطاف ملڪاڻيءَ جو نالو ٻاراڻي ادب جي حوالي سان مشهور آهي. پاڻ مهراڻ پبلڪيشن حيدرآباد جو سرپرست رهيو آهي، جنهن ٻارن لاءِ ڪافي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. عبرت گروپ آف پبليڪيشنز، حيدرآباد پاران ٻارن جي رسالي ”-ارچڪ مرچڪ-“ جو پهرين نگران انچارج ۽ پوءِ 1997ع ۾ اسسٽنٽ -ايڊيٽر- ٿيو. ٻارن جي مخزن ماهوار ”لاٽ“ جو چيف -ايڊيٽر- (1993ع)، ماهوار ”گلستان“ جو -ايڊيٽر- (1993ع)، ٻارڙن جي ”سنڌ رنگ“ جو سب -ايڊيٽر- (1995ع)، ٻارن جي مئگزين ”دوستيءَ“ جو اعزازي صلاحڪار (1995ع) ۽ ”سندباد“ ڪتابي سلسلي جو سب -ايڊيٽر- رهي چڪو آهي. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سندس ترتيب ڏنل هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: (1) ”پلئه پايو سچ“ (شاهه لطيف جي زندگيءَ بابت سوال جواب). لطيفي لات پبليڪيشن دادوءَ پاران ڇپيل، (2) ”سوريءَ سزا وار“ (صوفي شاهه عنايت شهيد جي زندگيءَ بابت سوال جواب)، مهراڻ پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيل، (3) ”سوري سڏ ڪري“ (لطيف سنگت سنڌ جي ٻارڙن ڏانهن آزاد سمي جا خط مهراڻ پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيل. -الطاف ملڪاڻي-، سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ -آمريڪا- (سانا) پاران سنڌ مان نڪرندڙ مئگزين ”سنگت ورلڊ“ جي -ايڊيٽوريل- بورڊ جو ميمبر (1990ع)، ڪاوش گروپ آف پبليڪيشنز حيدرآباد پاران شايع ٿيندڙ ماهوار ”سنڌ رنگ“ جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو، کيس سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران معاون -ايڊيٽر- اوارڊ (1993ع) پڻ مليل آهي. ڪجهه عرصو، ’ڪرزما ڊائجسٽ‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]