الاھي بخش ڀٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زرعي ماهر الاهي بخش ولد محمد ڀٽيءَ جا وڏا اصل خيرپور رياست جا هئا، بعد ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ اچي رهيا. سندس والد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ڪندو هو، جنهن کيس اعليٰ -تعليم- ڏياري. -الاهي بخش ڀٽي- سنڌ زراعت کاتي ۾ زرعي تحقيقي شعبي جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو اڍائي سالن تائين وائيس چانسلر ٿي رهيو، -جتي- هن ڪيترائي زرعي تجربا ڪيا، زرعي ماهر هئڻ ڪري کيس دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمڻ جو موقعو مليو. هن ڪيترن ملڪن ۾ نوان تجربا متعارف ڪرائي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. کيس ڪيترن ئي ملڪن اعزازي ڊگريون به ڏنيون ۽ سندس قابليت عيوض عالمي شخصيتن جي ڊائريڪٽري Who is Who ۾ پڻ سندس نالو شامل ڪيو ويو. زراعت تي ڪافي ڪتاب سنڌي، -اردو- ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل اٿس، جيڪي يورپي ملڪن ۾ به مختلف ٻولين ۾ ڇپيا آهن. هن وقت ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]