اقبال دل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناميارو صحافي ۽ -ايڊيٽر- -اقبال دل- پهرين سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ سومار دل، تعلقي ساماري ۾ حاجي علي احمد ’مجذوب‘ جي گهر ۾ ڄائو. 1963ع ۾ گريجوئيشن ڪامرس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هن صحافت جي شروعات 1961ع کان روزاني ”خادم وطن“ سان ڪئي، جنهن ۾ سب -ايڊيٽر- ۽ رپورٽر طور ڪم ڪيائين. سندس 1973ع کان روزاني ”هلال -پاڪستان-“ سان وابستگي رهي ۽ هو 1988ع کان روزاني ”هلال -پاڪستان-“ -اخبار- جو -ايڊيٽر- رهيو آهي. سندس شام ملڪ جو سفرنامو ”شام ولايت ۾“ شايع ٿيل آهي. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]