افغانستان جو گهوٽالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

افغانستان جو گهوٽالو يا افغانستان ڪرائسز (Afghanistan Crisis) اصل ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي افغانستان ۾ وڏي پئماني تي فوجي مداخلت (ڊسمبر 1979ع ) جو عمل آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ ٿڌي ويڙهه (Cold War)واري مُقابلي بازيءَ جو هڪ اهم مرحلو هو. ان وچ ۾ پوڻ پٺيان سوويت يونين جي سياسي مقصدن کي آمريڪي انتظاميا ته هڪمدم رد ڪري ڇڏيو، پر سخت ۽ تڪڙي آمريڪي رد عمل جي نتيجي ۾ ”اُترائٽلانٽڪ اتحاد“ (NATO) ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيو. ڇاڪاڻ ته اهم يورپي ملڪ سوويت يونين خلاف ’لامحدود پابندين‘ واري آمريڪي نيتيءَ جا مخالف هئا. ان هوندي به آمريڪي سياسي قيادت سوويت مخالف حڪمت عمليءَ تي سختيءَ سان ڪاربند هئي، ڇاڪاڻ ته سوويت جي وچ ۾ پوڻ ٻنهي عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ نرميءَ واري نيتي (Détente) ختم ٿي ۽ سوويت يونين طرفان والار پسنديءَ جي رجحان ۾ واڌارو ٿيو. افغان مسئلي جي پسمنظر ۾ وڃڻ سان خبر پوندي ته افغانستان ۾ 1978ع جي بهار جي موسم ۾، انقلابي فوجي اهلڪارن جي هڪ گروهه مُلڪي صدر سردار محمد دائود جو تختو اونڌو ڪري ڪامياب حڪومتي تبديلي آندي. جنهن جي نتيجي ۾ فوج جي قيادت ۽ مارڪس-وادي ”پيلپز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان“ سان لاڳاپيل هڪ عُبوري اختيارن جي انقلابي ڪائونسل جوڙي وئي. نئين قيادت سڌارا آڻڻ ۽ افغان سماج کي جديد بنائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون، ٻئي طرف مذهبي ۽ روايتي اڳواڻن اهڙين ڪوششن خلاف سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪيو. ان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اسلامي بنياد پرستيءَ جي شروعات ٿي. 1978ع جي پڇاڙيءَ ۾ افغانستان ۽ روس جي ٻنهي حڪومتن”ٽريٽي آف فرينڊشپ، گڊ نيبرلينيس ۽ ڪوآپريشن“ تي صحيون ڪيون . ان معاهدي جي هڪ شق هيٺ فوجي رخ ۾ سهڪار جي ڳالهه سان گڏ، ايشيا لاءِ اثرائتي سلامتيءَ ڀريي نظام جوذڪر پڻ ڪيو ويو. انهيءَ افغان انقلابي حُڪومت ۽ سوويت يونين سهڪار جو افغان معاشري تي اُبتو بغاوت ڀريو اثر ٿيو. افعانستان ۾ وڌندڙ بغاوت سبب سوويت يونين ڊسمبر 1979ع ۾ پنهنجون فوجون آنديون. جنوري 1980ع تائين اهو انگ وڌي 80000 کي وڃي پهتو. ان صورتحال جي نتيجي ۾ علاقائي عدم استحڪام جي صورت پيدا ٿي ۽ آمريڪا به جوابي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ متحرڪ ٿيو. ان دوران ايران ۾ سندس سفارتڪارن کي يرغمال بنائڻ واري گهوٽالي ۾ ڦاٿل آمريڪا، اولهه يورپ ۾ پنهنجي ساک بحال رکڻ ۽ سوويت يونين کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، اڻ سڌيءَ طرح ساڻس مهاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آمريڪا طرفان، افغان مجاهدين جي امداد شروع ڪئي. سوويت فوج ۽ اسلامي مجاهدن وچ ۾ اها لڙائي روس کي ڏاڍي ڳري پئي ۽ جاني، مالي توڙي سياسي حوالن سان سندس تمام گهڻو نقصان ٿيو. ان تڪرار سبب هڪ طرف دُنيا ۾ سوويت يونين جي فوجي صلاحيت آڏو سوال اُڀرڻ شروع ٿيا، ته ٻئي طرف روس اندر سياسي گهوٽالو وڏڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ سوويت يونين اندر پراڻ- پسند قيادت جي جاءِ تي نوان تصور رکندڙ قيادت صاحبيءَ ۾ آئي، جيڪا روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ميخائل گورباچوف (Mikhail Gorbachev) جي سرواڻيءَ ۾ اڳتي وڌي. گورباچوف جي اقتدار ۾ اچڻ سان افغان گهوٽالي نئون ۽ هاڪاري رخ اختيار ڪيو. نيٺ معاملي جو امن ڀريو حل ڪڍڻ لاءِ افغان گهوٽالي ۾ شامل ڌرين گڏيل قومن جي نگرانيءَ هيٺ 1988ع ۾ جينيوا ۾ هڪ معاهدي تي صحيون ڪيون، جنهن جا هيٺيان مُک نُڪتا هئا.(1) افغانستان مان سوويت فوجون واپس گهرائڻ (2) افغان رياست جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ (3) افغان مهاجرن جي پُر امن وطن واپسي ٿيڻ جوڳي بنائڻ . سوويت يونين ۽آمريڪا طرفان معاهدي جي ضمانت هيٺ ٿيل اهڙي سهمتيءَ جي نتيجي ۾، عالمي برادريءَ سوويت يونين جي افغانستان مان واپسيءَ جي ڀليڪار ڪئي. سوويت فوجن جي واپسيءَ کان پوءِ افغانستان ۾ پهريائين مُجاهدين ۽ پوءِ طالبان جون بُنياد پرست حڪومتون ٺهيون، جن افغان جهاد ۾ شامل عرب ۽ ٻين شدت پسندن سان گڏجي عالمي سطح تي اسلامي ڪٽرپڻي جي لاڙي کي جنم ڏنو. ان جي نتيجي ۾ اسامه بن لادن جي تنظيم ”القاعده“ کي آمريڪا ۾ ٿيل 11 سيپٽمبر 2001ع وارن آپگهاتي حملن جو ذميوار قرار ڏنو ويو. ان دهشتگرد ڪارروائيءَ جي حوالي سان آمريڪا افغان”طالبان“ کان اُسامه بن لادن کي سندس حوالي ڪرڻ ۽ ”القاعده“ تي پابندي مڙهڻ جي گُهر ڪئي، جيڪي پورا نه ٿيڻ ڪارڻ، آمريڪا 2002ع ۾ افغانستان تي ڪاهه ڪري طالبان حُڪومت ختم ڪري ڇڏي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد