اعظم خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اعظم خان
ٺٽي جو مغل گورنر
1128ھ عيسوي سال 1716 کان 1131ھ 1719 تائين
پيشرو شجاعت علي خان
جانشين مھابت خان بھادر
ريجنٽ فرخ سير ۽ رفيع الدوله نيڪو سير
مذھب اسلام

اعظم خان (انگريزي: Azam Khan) مغلن جو هيءُ عملدار سن 1128ھ(سن 1716ع) ۾ -ٺٽي- جو نواب بنجي آيو هو.نواب اعظم خان بن صالح سيد گهراڻي مان هو ۽ فدائي خان جهان بهادر عرف مير بابا ڪوڪلتاش جو پوٽو هو. شروعات ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه عرصي لاءِ خواجا خليل کي موڪليائين پر پوءِ پاڻ اچي چئن سالن تائين حڪومت ڪندو رهيو[1].

شاھ عنايت جي شھادت[سنواريو]

هو صوفي بزرگ شاهه عنايت جي مخالفن جي ڳالهين ۾ اچي سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن سلسلي ۾ سڀ کان -اول- اهو قدم کنيائين جو صوفي شاهه عنايت جي خانقاهه سان لاڳو زمينن جون ڍلون، جي اڳ معاف ٿي چڪيون هيون سي نئين سر مڙهيائين. -ان- کان علاوه خدا يار خان ميان يار محمد خان ۽ ٻين زميندارن کي خط لکيائين ته هو سندس مدد ڪن ته جيئن هو، صوفي شاهه عنايت ۽ سندس مريدن سان -جنگ- ڪري. مقالات شعراءِ قلمي نسخي ۾ هڪ روايت آهي ته اعظم خان، صوفي شاهه عنايت جي ملاقات لاءِ ويو، تڏهن درويشن کيس ائين چئي روڪي ڇڏيو ته ”حضرت -جن- هن وقت ورد وظيفن ۾ مشغول آهن“. جڏهن صوفي صاحب سان ملاقات ٿي، تڏهن -اعظم خان- چيو ”درِ درويش را دربان نشايد“ (درويش جي در تي دربان نه هئڻ گهرجي). صوفي صاحب هڪدم جواب ڏنو. ”بشايد، تا سگِ دنيا نيايد“ (هئڻ گهرجي ته جيئن دنياوي ڪتا اندر اچي نه سگهن). هيءَ ڳالهه -اعظم خان- جي ذاتي رنجش جو سبب بنجي وئي. شاهه عنايت جي وڌندڙ طاقت کان گهٻرائجي جڏهن تر جي زميندارن دهليءَ ۾ واويلا ڪئي تڏهن دهليءَ جي حڪم تي -اعظم خان- صوفي شاهه عنايت خلاف -بغاوت- جي -باهه- کي مچايو. بالاخر هن صوفي شاهه عنايت کي دوکي سان قيد ڪرائي 15 صفر 1130ھ(7 -جنوري- 1718ع) تي کيس شهادت جو -جام- پياريو. هن ظالم نواب هر طرح سان -ٺٽي- جي عوام سان ظلم ڪيا. -ٺٽي- جي قابل احترام مخدوم رحمت -الله- کي به قيد ڪرايائين. واپارين کان زوري پئسا ڦريائين. اهڙي طرح هر لحاظ کان هن پنهنجي نوابي جو غلط فائدو ورتو ۽ عوام کي -تنگ- ڪيائين. پوءِ جڏهن محمد شاهه -تخت- تي ويٺو ته سن 1131هجريءَ ۾ -اعظم خان- کي گورنريءَ -تان- لاٿو ويو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. اعظم خان : (Sindhianaسنڌيانا)