اعجاز علي خواجه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اعجاز علي خواجه ولد حاجي -امام- بخش خواجه. ٺٽي ضلعي جي قومي ڪارڪنن مان آهي. هن جو -جنم- ميرپور بٺوري شهر ۾، 24 -آڪٽوبر- 1950ع تي ٿيو. -تعليم- انٽر آرٽس اٿس. سياسي زندگيءَ جي شروعات 1968ع ۾ ڪيائين، 1971ع ۾ پهريون ڀيرو جيل ۾ ويو، -ان- بعد 1979ع، 1980، 1983 ۽ 1986ع ۾ به جيل ياترا ڪيائين. 1968ع کان 1986ع تائين پيپلزپارٽيءَ سان سندس وابستگي رهي. 1986ع کان سنڌي -بلوچ- پختون فرنٽ سان لاڳاپيل رهيو، جيڪا -پارٽي- اڳتي هلي ’سنڌ نئشنل فرنٽ‘ ۾ تبديل ٿي، جنهن جو سربراهه ممتاز علي ڀٽو آهي. -اعجاز- خواجه ميرپور بٺوري جو ننڍو زميندار ۽ سماجي ورڪر آهي. سندس -ٻه ڪتاب- ”نيئر منهنجو نينهن“ ۽ ”ڳالهيون ڪوٽ ڪڙن جون“، ترتيبوار، -آگسٽ- 1988ع ۽ -جنوري- 1995ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، جيڪي ٻئي ڪتاب سندس جيل ياترائن جي داستانن تي مشتمل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]