اعجاز علي بيگ مرزا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اعجاز علي بيگ مرزا، سنڌ جي نامياري عالم مرزا قليچ بيگ جي فرزند مرزا اسد بيگ جو فرزند آهي. سندس جنم 28 سيپٽمبر 1944ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ٿيو.

تعليم[سنواريو]

ابتدائي تعليم سينيٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ورتائين. انٽر گورنمينٽ ڪاليج (ڪاري موري) حيدرآباد ۽ بي. اي سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. ايم. اي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين.

خدمتون[سنواريو]

سيپٽمبر 1964ع ۾ اعجاز بيگ مرزا جي پهرين پوسٽنگ سينيئر انگلش ٽيچر طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول مرزا قليچ بيگ حيدرآباد ۾ ٿي. ان زماني ۾ هيءُ اسڪول پرائمريءَ مان اپ گريڊ ٿي هاءِ اسڪول بنيو. هو 1969ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد ۾ چئن مهينن لاءِ سنڌيءَ جو ليڪچرر ٿيو. ڊسمبر 1972ع ۾ سندس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان هيڊماستر طور سليڪشن ٿي ۽ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. 1987ع ۾ جڏهن اين. جي. وي هاءِ اسڪول، هاير سيڪنڊري اسڪول طور اپ گريڊ ٿيو ته مرزا صاحب اُن جو پهريون پرنسپال ٿيو ۽ ان عهدي تي آگسٽ 1996ع تائين رهيو. سيپٽمبر 1996ع ۾ مرزا صاحب سيڪريٽري بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن مقرر ٿيو. ۽ 1997ع ۾ سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد جو چيئرمئن مقرر ٿيو. آگسٽ 1999ع ۾ ڊائريڪٽر پرائمري ايڊيوڪيشن حيدرآباد مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي لاءِ وٽس چيئرمئن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي اضافي چارج به رهي. مرزا صاحب ڊائريڪٽر پرائمري ايڊيوڪيشن حيدرآباد ڊويزن به رهيو آهي. 2004ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.

تصنيفون[سنواريو]

اعجاز بيگ مرزا علمي ادبي گهراڻي سان واسطو رکڻ ڪري خود به ان ميدان ۾ قلم آرائي ڪئي آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

  1. Critical Appreciation of Education Policy 1972.
  2. Critical Evaluation of Primary Schools of Hyderabad City.
  3. ”گلدسته قليچ“ (تاليف)

مرزا صاحب جي اڻ ڇپيل تصنيفن ۾ (1) ”مرزا خسرو بيگ جي سوانح“، (2) ”گرجستان ۽ گرجستان جا بادشاهه“ (تاريخ) شامل آهن.

ھن وقت[سنواريو]

هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيندڙ قليچ چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]