اعتماد نامي جون سندون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سفارتي ٻوليءَ ۾، سفارتي دستاويز، اختيار نامي، اعتماد نامي يا ڪريڊينشلز (Credentials) مان مراد هڪ رياست جي سربراھ طرفان ٻئي مُلڪ ۾ مقرر ڪيل سفير جي تقرريءَ بابت لکيل سندن سفارشن ۽ ڪاڳرن سان لاڳاپيل هڪ تفصيلي دستاويز هوندو آهي، جيڪو مقرريءَ واري ملڪ جي هم منصب ڏانھن لکيل هوندو آهي. اهي دستاويز مقرر ڪيل سفير جي مقرريءَ واري ملڪ ۾ پھچڻ کان پوءِ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري هڪ روايتي تقريب ۾ مھمان مُلڪ جي آئيني سربراھ کي پيش ڪيا ويندا آهن. انھيءَ تقريب کان سواءِ ڪنھن بہ سفير کي مقرريءَ جي سلسلي ۾ ڪنھن بہ حڪومت طرفان ٻئي حڪومتي سربراھ کي پيش ٿيندڙ تعارفي سند (Letters of Credence) جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ جو انھن ذريعي مھمان مُلڪ جي سربراھ کي مقرر ٿيل سفير جي موقف کي ساڻس لاڳاپيل مُلڪ جي موقف طور مڃتا ڏيڻ جي سفارش ڪيل هوندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]