اظھار قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪار اظهار قاضيءَ 1957ع ڌاري ڪراچي ۾ -جنم- ورتو. هن ابتدائي -تعليم- -جامعه- ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ -اسٽيل- مل ڪراچيءَ ۾ ملازم ٿيو. اداڪاريءَ جي شروعات 1984ع ڌاري -پاڪستان- ٽيلي ويزن جي ڊرامي ’ٿڪن‘ سان ڪيائين. -ان- کانپوءِ 1985ع ۾ هن هدايتڪار نظر شباب جي فلم ”روبي“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. جنهن کانپوءِ هن ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو -جن- ۾ 30 فلمون -اردو- ۾، 26 فلمون پنجابي ۾، 3 فلمون پشتو ۾ ۽ هڪ سنڌي فلم به شامل آهن. سندس آخري فلم ”-ايشيا- ڪي ٽائيگر“ هئي. هن 24 ڊسمبر 2007ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]