اصحابي جي قبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سلام جي شروعات ۽ خود حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي زندگيءَ ۾ سنڌ ڏانهن تبليغي جماعتن جو اچڻ تاريخي طور ثابت ٿي چڪو آهي. سنڌ جي -تاريخ- تي هڪ فارسي قلمي نسخي ”گنجينہ جهان نُما“ مان اِها حقيقت هن طرح معلوم ٿئي ٿي ته ”هجرت جي اٺين سال (630 عيسوي) نبي سڳوري، پنج -اصحابي- -اسلام- جي تبليغ واسطي سنڌ ڏانهن موڪليا، -جن- جو اڳواڻ ابو رافع هو. ابو رافع جنهن حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) ۾ وفات ڪئي، سندس مزار حيدرآباد ۾ قلعي جي ڀرسان شاهي دروازي وٽ هڪ زيارتگاهه آهي. پنجن ئي اصحابين -ٿوري- ٿوري وقت کان پوءِ رفتي رفتي وفات ڪئي، تنهنڪري سڀني کي هڪڙي ئي هنڌ هڪ ٻئي جي پيرانديءَ سيرانديءَ دفن ڪيائون، جيڪا هڪ ڊگهي قبر جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي. هيءَ اصل ۾ ”اصحابين جي قبر“ آهي، جيڪا پوءِ ”اصحابيءَ جي قبر“ سڏجڻ لڳي. -ان- وقت حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) جي شهر مان ڪن ماڻهن ڳجهيءَ طرح -اسلام- قبول ڪيو، انهيءَ واقعي جو تقابلي ثبوت آرنولڊ جي تيار ڪيل ”اسلام جي -اشاعت- جي نقشي“ ۾ ملي ٿو، جنهن مطابق سنه 628 عيسوي (سن 6 هجري) ۾ -ايران- ۽ چين ڏانهن موڪليل تبليغي جماعتن سان گڏ هندستان/ سنڌ ۾ پڻ -اسلام- جي دعوت ڏني هئي.[1]

حوالا[سنواريو]