اشبھار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اشبهار ھڪ قلعي جو نالو آهي، جڏهن محمد -بن قاسم- ديبل، نيرون ڪوٽ، سيوهڻ وغيره جا قلعا فتح ڪيا ته پوءِ -اشبهار- جي قلعي ڏانهن ڪوچ ڪيائين، جيئن ته چچ نامي ۾ -اشبهار- جي قلعي ۽ ديبل، نيرون ڪوٽ، سيوهڻ کي ساڳي هجري سن 93ھ مطابق 711ع ۾ فتح ڪيو، -ان- ڪري گمان نڪري ٿو ته اهو قلعو سنڌ ۾ يا سنڌ جي آسپاس هوندو، جنهن بابت وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي آهي. البته اهو ڏس ملي ٿو ته هي قلعو به محمد -بن قاسم- فتح ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]