اسڪول بس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برطانيا جي برمنگھم جي ھڪ ڇوڪرين جي اسڪول بس

اسڪول بس (انگريزي: School bus) ھڪ مخصوص قسم جي بس ھوندي آھي جنھن کي يا ليز تي يا معاھدي تي يا رياست پنھنجي ملڪيت تي ھر ھڪ اسڪول جي انتظاميہ ھيٺ روانو ڪندي آھي. اھڙيون بسون باضابطہ اسڪولي شاگردن کي گھر کان اسڪول ۽ اسڪول کان گھر کڻي وينديون آھن. يا انھن کي ڪيترن ئي تجربيگاھن ۽ تفريح گاھن ڏانھن بہ وٺي وڃڻ جو ڪم ڪنديو آھن. اھڙيون اسڪولي بسون صرف ٻارن جي اسڪول يا ان جي لاڳاپيل اچ وچ سان جڙيل ھونديو آھن، اھي پينٽ ٿيل اسڪول جي نالي ۽ اچڻ وڃڻ جي رستي جو اشارو ڪنديون آھن. جڏھن تہ ھنگامي ۽ استثائي(؟) حالتن ۾ بہ ڪم آيندڙ بسون بہ اھڙي طرح سان پينٽ ڪيل يا نالا ۽ نشان ناھن رکنديون. ڪجهه ملڪن ۽ رياستن ۾ اسڪولي بسن جي الڳ سڃاڻپ ٺاھي رکڻ قانوني طور تي ضروري آھي. جڏھن تہ ڪجهه جڳھن تي ۽ ڪجهه ملڪن ۾ اھا ڳالھ اختياري آھي ۽ اسڪول انتظاميہ جي مرضي تي ٻڌل آھي. اسڪول بسن کي ھلائڻ واري ڊرائيور جو تربيت يافتہ ۽ لائسنس يافتہ ھجڻ ضروري آھي. اھو ان لاءِ آھي تہ انھن کي رستن تي گاڏيءَ کي ڏاڍي احتياط سان ھلائڻو ھوندو آھي. ان کان سواءِ گاڏي وارن کي بيھارڻ وقت ۽ گاڏي ھلائڻ شروع ڪرڻ وقت اھو بہ غور ڪرڻو ھوندو آھي تہ ڪٿي ڪوئي شاگرد ان جي زد ۾ تہ ناھي اچي رھيو.

شاگردن جي حفاظت جي لاءِ قانون سازي[سنواريو]

پيچري تي شاگرد ۽ شاگردياڻين بابت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن قانون سازي ڪئي آھي. ھي قانون عام پيچري جي گاڏين جي اچ وڃ ۽ رفتار سان لاڳاپيل آھن تہ ڪڏھن قانون رياست جي اسڪول بسن سان لاڳاپيل آھن.

جنوري 2019ع ۾ شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارتن جي اڳواڻن نئون قانون متعارف ڪرائي ڇڏيو آھي، جنھن جي تحت اسڪول بس کي اوور ٽيڪ ڪرڻ تي ھڪ ھزار درھم ڏنڊ وڌو ويندو. تفصيلن جي مطابق گڏيل عرب امارتن جي گاديءَ جي ھنڌ ابو ظبي جي ٽريفڪ عملدارن ڪار ۽ موٽر سائيڪل جي ڊرائيورن کي نون ٽريفڪ قانونن سان متعارف ڪرايو آھي جن جو مقصد اسڪول ويندڙ گھٽ عمر شاگردن جي حفاظت کي وڌيڪ بھتر بڻائڻو آھي. ٽريفڪ عملدارن طرفان لاڳو ڪيل نئين قانون ھيٺ اسڪول بس بيھي ٿي تہ ٻين گاڏين کي اسڪول بس جي پويان بيھڻو پوندو نہ تہ ڳري ڏنڊ کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. اماراتي خابرو اداري جو چوڻ آھي تہ ذڪر ڪيل قانون جي مطابق جيڪڏھن اسڪول بس جي ڊرائيور ٻارن کي بس ۾ چاڙھيندي ۽ لاھيندي وقت ’اسٽاپ‘جي سائن نہ کولي تہ ان کي 500 درھم ڏنڊ ۽ ڊرائيونگ لائسنس ۾ ڇھ ڪارن نڪتن کي منھن ڏيڻو پوندو.[1]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]