اسپيني آمريڪي جنگ
ڏيک

اسپيني آمريڪي جنگ يا اسپينش اَميرڪن وار (Spanish American War) آمريڪا ۽ اسپين جي وچ ۾ 1898ع ۾ اڍائي مھينن تائين وڙهي وئي، جنهن ۾ اسپين کي سخت هار ٿي. اسپيني ڪالوني ڪيوبا ۾ بغاوتن کي چٿڻ لاءِ اسپين سخت پاليسيون ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ آمريڪا تي ڪيوبا جي مدد جو الزام هڻي، سندس بحري جھاز ”مئين“ کي 15 فيبروري 1898ع تي هوانا ۾ تباھ ڪيو، جنھن ۾ 260 آمريڪي مارجي ويا. جنهن کان پوءِ آمريڪا اسپين خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. هيءَ جنگ پئرس جي ٺاھ مطابق ختم ٿي، جنهن ۾ اسپين طرفان فلپائن، ڪيوبا، پيورٽوريڪو جون ڪالونيون آمريڪا حوالي ڪيون. انهيءَ ويڙھ کانپوءِ آمريڪا عالمي جنگي طاقت طور تي اُڀرڻ شروع ڪيو.[1]