اسپريگس
اسپريگس | |
---|---|
پوکيل اسپريگس جي سٿ | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | اسپريگس |
جنس: | Template:Taxonomy/اسپريگس{. آفيشنلس |
حياتياتي نالو | |
اسپريگس آفيشنلس ڪارل لينيوئس 1753 |
اَسپريگس يا پاراگراس هڪڙي انگريزي ڀاڄي آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ کريل نالو پارا گراس جو ڏين ٿا، پر سُوت مُولي ۽ مارچوبه به سڏيندا اٿس. هي ٻين سڀني انگريزي ڀاڄين کان پوءِ ٿي ٿئي، تنهنڪري ڪمائتي آهي. آگسٽ يا ان کان پوءِ سگهو ئي هن جو ٻج پوکڻ ۾ ايندو آهي. ڪونڊين ۾ مٺي ڇڙيل مٽي وجهي، واري گڏي، انهيءَ ۾ ٻج پوکجي ۽ هوا کان پناهه ڏجيس. جڏهن ڏهه انچ سلا ٿين تڏهن زمين ٺاهي، ان ۾ ڏيڍ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي گول کڏون کڻجن، جي هڪ فوٽ ويڪريون ۽ ٻه اڍائي فوٽ اونهيون هجن. انهن کڏن ۾ ڏهن انچن تائين پنن ۽ ڇيڻي جو ڀاڻ ٿوري شوري سان گڏيل وجهڻ گهرجي. پوءِ هڪڙيءَ هڪڙيءَ کڏ ۾ هڪڙو هڪڙو سلو وجهجي، پر ان جون پاڙون پکي وانگي پکيڙي سنيون ڪري رکجن، جيئن ڀڄي نه پون. پاڻي مئو پيو ڏجيس. ٽن چئن مهينن جي عرصي ۾ اهي کڏون ڀرجي زمين سنيون ٿي وينديون. اپريل يا مئي ۾ ٻوڙا گل ڪندا، جي وڍي ڇڏجن ته ٻوڙا زور وٺن، پر سنڀال ڪجي ته ڪو پن نه پٽجي. پوءِ سگهو ئي پاڙ مان گوشا نڪرندا، جي کائڻ جي به ڪم ۾ ايندا آهن. پر بهتر آهي ته انهن کي هٿ نه لائجي ته ڀلي ٽارين وانگي نڪرن. سياري ۾ ٻوڙن جا ٿڙ سڪي ويندا، وري مارچ ۾ ڦٽڻ لڳندا. تڏهن هيٺان مٽي پاڙن تائين ڪڍڻ جي ڪجيس، ۽ ان جي بجاءِ چڱو ڀاڻ وجهجيس، جنهن کان پوءِ ڏهاڙي پاڻي ڏجيس. اٽڪل ٻن هفتن ۾ زمين تي چڱيون سايون ڳنڍيون نڪري ظاهر ٿينديون، جي وڍي کائڻ جي ڪم ۾ آڻجن.
هن ڀاڄيءَ جا ٻوڙا ٽن چئن ورهين تائين، بلڪه زياده وقت تائين پوريءَ سنڀال سان رهي سگهن ٿا. لوڻ هن جي لاءِ چڱو ڀاڻ آهي، جو پاڻي ڏيڻ کان اڳي کڏن ۾ ٻرڪي ڇڏجي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو