اسٽرا بيري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسٽرابيري
اسٽرابيري جو ميوو
اسٽرابيري جو ڪٽيل ميوو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): فريگاريا
جنس: Template:Taxonomy/فريگاريا{. اناناسا
حياتياتي نالو
فريگاريا اناناسا
انٽون نڪولس


اسٽرابيري (انگريزي: Strawberry) ھن کي هندستانيءَ ۾ اسٽابري چوندا آهن. هن کي سنڌي ۾ جهر ٻير سڏبو آهي.[1] هي ولايتي ميوو به هت هندستان ۾ تمام چڱو نه ٿيندو آهي. ميرٽ ۽ سهارنپور ۾ هي ميوو گهڻو به ٿيندو آهي ۽ بهتر به. لکنئوَ ۾ ته تولي تور جيڏو ٿيندو آهي. مگر ڪلڪتي جي آسپاس هي ميوو چڱو نه ٿيندو آهي. هي ٻج مان به ٿيندو آهي. چڪيون سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪڍي رکجن. انگلينڊ ۾ ٻن ورهين جي وڻ مان ميوو لاهيندا آهن. پر هتي هڪڙي سال واري وڻ مان به ڦر ڪڍي سگهن ٿا. پهرين ڪا جاءِ هٿ ڪجي جتي اُس پئجي سگهي. اتي فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي، قطارون ڪري کڏون کڻي وڃجن. کڏون اٺ انچ ويڪريون ۽ ڇهه انچ اونهيون هجن. سڀ ڪنهن ٽِي قطار جي وچ ۾، ڏهه انچ ويڪرو ٿَلهي وارو رستو ٺاهي ڇڏجي، ته وڻن تائين پهچي انهن جي پرداخت ڪري سگهجي. کڏن ۾ ڳائو ڀاڻ، پنن جو ڀاڻ ۽ مٽي هڪ جيتري حصن ۾ گڏي وجهي ڇڏجي، پوءِ هر هڪ کڏ ۾ هڪ هڪ چڪي سٽرابيريءَ جي رکي وڃجي. انهيءَ مهل پاڻي ڏئي ڇڏجين، پوءِ جڏهن ضرور ڄاڻجي تڏهن ٻيو ڏجي. فيبروريءَ ڌاري وڻ وڏا موچارا ٿيندا ۽ ٻور ڪندا. تڏهن وڻن جي مٿان ٿورو پاڻي ڇاٽاري ڇڏجي. پوءِ هر روز پاڻي ڏيندو وڃجين. ميون جي بچاءَ لاءِ اڪثر مٿان ڄاري وجهي ڇڏيندا آهن، نه ته پکي کائي ويندن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Strawberry word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2020-12-05. 
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو