مواد ڏانھن هلو

اسماعيل شاھ بخاري جي درگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي مقبرو تورڪي قبرستان (نصرپور لڳ) واقع آهي ۽ -ارغون- -ترخان- دور سان تعلق رکي ٿو. ميين ونھين جي مقبري کان اولهه ۾ ھڪ سفيد قبو، اسماعيل شاھ بخاري جي مزار آھي. ڪوبه ڪتبو وغيره لڳل ڪونه آھي. مزار جي دروازي تي نھايت نفيس ڪم ٿيل آھي. پاڻ مٽيارين جو ويٺل ھو. ميين ونھين جو ھم عصر ھو. ميين ونھين جي وفات کان پوءِ ھن بزرگ به جھان ڇڏيو. اتي ھر سال ميلو لڳندو آھي.[1]

حوالا

[سنواريو]